سموعبدالستار

سموعبدالستار

عبدالستار سمو

عبدالستار سمو (فنڪار): شهنائي نواز، طبلي نواز، نوحه خوان، عبدالستارولد غلام جعفر سمو، پهرين جولاءِ 1972ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پنهنجي وقت جو صوفي راڳي ۽ سريلو دهلاري هو. عبدالستار مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. جيئن ته کيس موسيقيءَ جو فن ورثي ۾ مليو، ان ڪري گھر جي ماحول مطابق يارهن سالن جي عمر ۾ ئي کيس موسيقيءَ طرف راغب ڪيو ويو ۽ شهنائيءَ جي فن جي حاصلات لاءِ 1983ع ۾ رتيديري شهر جي سريلي شهنائي نواز استاد غلام نبي سمي وٽ ڇڏيو ويو، جنهن عبدالستار کي شرناءِ توڙي موسيقيءَ جي فن جي بنيادي ڄاڻ ڏني. استاد غلام نبي سمي وٽ ٽن سالن تائين محنت ۽ لگن سان شرناءِ جو فن سکندو رهيو، جنهن کانپوءِ لاڙڪاڻي شهر جي نامور شرناءِ نواز استاد نياز حسين کان سکيا ورتائين. جڏهن ته هن ڍولڪ ۽ دهل جي فن جي سکيا پنهنجي والد محترم فقير غلام جعفر کان حاصل ڪئي. عبدالستار شروع ۾ پنهنجي والد جي جوڙ سان گڏ شادين مرادين توڙي ميلن ملاکڙن ۾ ويندو هو ۽ جوڙ ۾ شرناءِ وڄائيندو هو، پر اڳتي هلي سندس والد ناچاڪيءَ جي ڪري فن کي الوداع ڪري ويو، جنهن کانپوءِ عبدالستار پنهنجو الڳ جوڙ متعارف ڪرايو، جنهن جو پاڻ اڳواڻ آهي. هن سنڌ توڙي پاڪستان جي ڪيترن سٺن فنڪارن سان ڍولڪ توڙي طبلي تي سنگت ڪئي آهي، انهن ۾ استاد شرافت علي خان، ديدار حسين سمو، غلام شبير سمو، سيد موٽڻ شاهه، فقير منور علي ابڙو، سيد صدرالدين شاهه ۽ ٻين جا نالا قابل ذڪر آهن. هن شام چوراسي گھراڻي جي استاد گويي خانصاحب استاد شرافت علي خان سان به ڍولڪ تي يادگار سنگت ڪئي هئي. سندس ڍولڪ وڄائڻ جي انداز کان شرافت علي خان ايترو ته متاثر ٿيو، جو کيس پنجاب مان خط لکي سندس فن جي تعريف ڪيائين. عبدالستار جو آواز تمام سريلو آهي، جنهنڪري محفلن ۾ ڳائيندو به آهي. هيءُ سٺو نوحه خوان آهي ۽ محرم وارن ڏينهن ۾ نوحه خواني به ڪندو آهي. هيءُ لطيف سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن رتوديرو (لسوا) جو عهديدار به آهي. عبدالستار ’لسوا‘ کان سواءِ ٻين ڪيترين فلاحي توڙي مذهبي تنظيمن سان واڳيل آهي. هن ماضيءَ ۾ پنهنجي برادريءَ جي ڪجھه فنڪارن ۽ وڄتڪارن کي جمع ڪري ’فنڪار ايسوسيئيشن رتيديري‘ جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽفارم تان شهر ۾ استاد حاجي خان دوداپوريءَ سان شام ملهائڻ سميت ٻيا ڪيترا موسيقيءَ جا سٺا پروگرام منعقد ڪرايائين.


لفظ عبدالستار سموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.07.01  عيسوي

شهنائي نواز، طبلي نواز، نوحه خوان، عبدالستارولد غلام جعفر سمو، پهرين جولاءِ 1972ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حقاني محمد حسن
سيد حاجي محمد حافظ شاهه
جماڻي مدن
شفيع محمد ڪرناڻي
سهراب مگسي
حزب الله ميمڻ شهيد
ڄام نظام الدين (پهريون)
بلو سي راڻي
جتوئي عبدالحميد خان
اميد علي سٺيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون